اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشميري ڀائرن جي سفا??تي?? اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکنداسين، پاڪستاني عوام جي دل ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي، پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم ميڊيا آ??يس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.