اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هٿرادو ذهانت، بلاڪ چين، روبوٽڪس ۽ انٽرنيٽ آف ٿنگز (آءِ او ٽيز) جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ ڏها??و انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيز جي ان??لا?? جي ڏهاڪو هوندو، ان لاءِ پاڪستان کي ضروري عنصر گهربل هوندا، ان حوالي سان ملڪ جي صنعتي شعبن کي وقت سر تياري ڪرڻ گهرجي. هو ايوان صدر ۾ ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز جي ??ار?? ۾ ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ سڄي ملڪ مان آءِ ٽي ماهرن شرڪت ڪئي.