اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي صورتحال جي حوالي سان عوام کي مڪمل باخبر رکيو، اين سي او سي ۾ جيترا به فيصلا ٿيا ان ۾ سموريون ڌريون شريڪ هيون، ڪجهه پارٽيون ان معاملي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيون آهن، حڪومت ڪورونا کي ڪاميابي سان منهن ڏئي ??هي آهي، پيپلزپارٽي ک?? اها ڳالهه هضم نه ٿي ??هي آهي. هو مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ اڃا به ڪاٿن کان گهٽ آهي. هن چيو ته اين سي او سي جي اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سمو??ن فيصلن سان اتفاق ڪري ٿو پر ڪراچي پهچي سنڌ جو وڏو وزير سمو??ن فيصلن کان انڪاري ٿي وڃي ٿو. هن سياسي پارٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي ذميواري جو مظاهرو ڪن ۽ ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي غير??عم??لي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ الزام هڻڻ کان پاسو ڪن.