اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان قومي اسيمبلي ۽ ڪشمير ڪميٽي جي ميمبر نورين فاروق ابراهيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين م??ڪ محمد احسان الله ٽوانه، ڄمون ڪشمير خ??دمختياري موومينٽ جو چيئرمين راجا رجاوت ۽ ڪشمير ڪائونسل جو ميمبر يونس مير پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ آل پارٽيز پارلياماني گروپ قائم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پارلياماني گر??پ ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.