اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن، حڪومت عالمي سيڙپڪار ڪمپنين کي سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن ظهبي گروپ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ ظهبي گروپ جي سي اي او تنوير حسين اعواڻ، ڊائريڪٽر سلمان ناصر عبدالله البدي ۽ پاڪستان جي ڪنٽري هيڊ محمد شهب??ز خان شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم ??و واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم ??و خاص مددگار ذوالفقار عباس بخاري، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار خان آفريدي ۽ بي او آءِ جو چيئرمين عاطف بخاري به موجود هئا. وفد وزيراعظم ??مران خان ??ي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي ويزن ۽ ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين جي لاءِ سيڙپڪاري ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ جي قدمن جي واکاڻ ڪندي مستقبل ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي حوالي سان گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.