اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ روايتي راندين کي فروغ ڏيڻ جي ض??ورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪوڏي ڪوڏي کي قومي ۽ عالمي سطح تي مشهور بڻائڻ لاءِ جديد ماڊل اختي??ر ڪرڻ جي ض??ورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوڏي ڪوڏي ورلڊ ڪپ 2020ع جي فاتح قومي ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو ??نه?? ساڻس ملاقات ڪئي. صدر قومي ٽيم کي ڪٻڊي ورلڊ ڪپ 2020ع کٽڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته قوم کي ڪٻڊي ورلڊ ڪپ جو فائنل کٽڻ تي ٽيم جي ڪارڪردگي تي فخر آهي. صدر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ روايتي راندين کي فروغ ڏيڻ جي ض??ورت آهي، عالمي مقابلن ۾ ڪاميابي لاءِ رانديگرن کي بهتر ڪوچنگ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ض??ورت آهي، هن چيو ته ڪٻڊي کي قومي ۽ عالمي سطح تي مشهور بڻائڻ لاءِ جديد ماڊل اختي??ر ڪرڻ جي ض??ورت آهي.