اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته 90 لک ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ سڌارن جو عمل وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جد??د ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. صدر عارف علوي جي صدارت ۾ اي ووٽنگ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي ذيلي ڪمي??ي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ريلوي وارو و??اقي وزير اعظم خان سواتي، نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ۽ آءِ ٽي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس جي دوران چيو ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ سڌارن جو عمل وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جد??د ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. نادرا چيئرمين اجلاس کي اي ووٽنگ ۾ هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو و??و ته اي ووٽنگ تي اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، نادرا اليڪشن ڪميشن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ مدد فراهم ڪندو، اجلاس ۾ نادرا کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو و??و جڏهن ته اي ووٽنگ تي نادرا جي ڪوششن کي به ساراهيو و??و.