ڪراچي- 19 آڪٽوبر ( اي پي پي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل 12 رب??ع الاول جي موقعي تي پ??هن??ي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ م??هن??ي آقا سرور قونين حضرت محمد صلي الله عليهه وسلم جو يوم ولادت آهي اڄوڪو ڏينهن سمورن مسلمانن لاءِ خوشي ۽ مسرت جو ڏينهن آهي. الله تعاليٰ حضرت محمد صلي الله عليهه وسلم کي هن دنيا ۾ رحمت للعالمين بڻائي ??وڪليو اسان کي پ??هن??ي آقا جي تعظيم سان گڏو گڏ سندن تعليمات کي به غور سان ڏسڻو ۽ سمجهڻو آهي ۽ سمجهي ان تي زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي.
حضور جن جي تعليمات ئي اڄوڪي ڏينهن جو سڀ کان وڏو فلسفو آهي. اسان کي هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ بدران پ??هن??ي نبي ڪريم صلي الله عليهه وسلم جي ڏيکاريل رستي تي هلڻو آهي. هن چيو ته م??هن??ي نبي جي زندگي ۾ انهن جو کائڻ پيئڻ ، اٿڻ ويهڻ ، انهن جي سياست ، انهن جون جنگيون ، انهن جي منصوبه بندي ، رياست مدينه جو قيام ۽ رياست مدينه جي ماڻهن سان سلوڪ انهن سمورن روين جو نالو ئي اسلام آهي. اسان سڀ اڄ عهد ڪيون ته جيڪو رستو م??هن??ي نبي ڏيکاريو ان رستي تي هلي فلاح جي رستي تي وڃون.