اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان تحريڪ انصاف ڊينمارڪ جي صدر چوڌري عمران محبوب ملاقا?? ڪئي ۽ موجوده ملڪي ۽ سياسي صورتحال ۽ اهم پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي قومي معاملن ۾ دلچسپي ۽ ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف نظام جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي ??طل??عات وار?? وفاقي وزير چيو ته ملڪي معاشي ترقي ۾ اوورسيز پاڪستانين جو اهم ڪردار آهي، اڄ اسان جا سفارتخانا اوورسيز پاڪستانين جي سهولت لاءِ انهن سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته اسان سدائين اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن جي حل تي زور ??نو آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پي ٽي آءِ ڊينمارڪ جي صدر چوڌري عمران محبوب چيو ته آمري??ا ۽ يورپ سميت اوورسيز پاڪستانين ۾ وزيراعظم عمران خان مقبول ترين شخصيت آهي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ پراميد آهن.