اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پوري دنيا اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي متفق ٿي چڪي آهي، او آءِ سي اجلاس ۾ سئو کان وڌيڪ قراردادون بحث هيٺ اينديون، ڪشمير مسئلي تي دنيا جو ڌيان ڇڪرائينداسين. هو پرڏيهي وزارت ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ??ي 48 هين اجلاس جو سرڪاري ترانو جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪري ر??يو هو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪجهه مهينن ۾ ٻيون ڀيرو م??لمان امت جي ميزباني ڪري ر??يو آهي جيڪا اعزاز جي ڳالهه آهي. هي اجلاس ان ل??ءِ به منفرد آهي جو اهو پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ٿي ر??يو آهي. هن چيو ته او آءِ سي جا پرڏيهي وزير 23 مارچ تي پريڊ ۾ شريڪ ٿيندا. پرڏيهي مهمان اسان جي ثقافت ۽ ان ڏينهن جيڪو قومي يڪجهتي جو م??اهرو ٿي ر??يو آهي، ان جو م??اهدو ڪندا. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي اجلاس جي ل??ءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جون تمام گهڻيون ڪوششون آهن. هن چيو ته اجلاس اهڙي وقت ٿي ر??يو آهي جڏهن مسلمان امت کي فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن جڏهن ته ڪشمير ۽ فلسطين جا مسئلا اڳ کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا آهن. افغانستان ۾ به انساني بحران جاري آهي. انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو ملندو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي تي دنيا جو ڌيان ڇڪرائينداسين. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ??ي 48 هين اجلاس جي ل??ءِ جاري ڪيل تراني کي ناليواري گلوڪار علي ظفر ڳايو ۽ ٻيهر ٺاهيو آهي ۽ وڊيو الڪريم بيگ تيار ڪئي آهي.