اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن ملڪ ۾ ڪڻ?? جي دستيابي جي موجوده تسلي بخش صورتحال ۽ پنجاب صوبي پاران باقاعدگي سان ڪڻ?? جي رليز تي اطمينان جو اظها رڪندي چيو آهي ته مستقبل جي ضرورتن جي حوالي سان وقت سر اڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي، ڪڻ?? جي وڏي مقدار سان گڏوگڏ مناسب قيمتن کي يقيني بڻائڻ به حڪوم?? جي اولين ترجيح آهي ته جيئن عوام کي بنيادي خورا?? جي ڏس ۾ ڪنهن قسم جي مشڪل نه ڏسڻي نه پوي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪڻڪ ۽ کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جي حوالي سان اعل??ٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير محمد حماد اظهر سينيٽر شبلي فراز، سيد فخر امام، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، مرزا شهزاد اڪبر، خصوصي صلاحڪار داڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، پنجاب جو خوراڪ وارو وزير عبدالعليم خان، لاڳاپيل ادارن جا سيڪريٽريز، جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لن?? جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.