اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? زنا جي روڪٿام جو آرڊيننس 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب آرڊيننس سان عورتن ۽ ٻارن جي خلاف جنسي زيادتي جا ??عاملا جلد اڪلائڻ ۾ مدد ملندي، جنسي زيادتي جي جوابدارن جي تيز ٽرائيل ۽ ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلا??ڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ خصوصي عدالتُون قائم ڪيُون وينديُون.