اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته احساس ڪفالت پروگرام تحت فيبروري کان خصوصي ٻارن جي والدين کي مدد فراهم ڪئي وين??ي، خصوصي ٻارن جي انفرادي ضرورتن موجب ووڪيشنل ٽريننگ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻ??ن جي فائونڊيشن جي دوري جي موقعي تي ڪيو. بيگم ثمينه عارف علوي کي جسماني ۽ ذهني طور تي معذور ٻارن جي بحالي جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته خصوصي ٻارن جي ان??ن جي انفرادي ضرورتن موجب تعليم ۽ تربيت ۽ ٿراپي ڪئي وين??ي، ان موقعي تي ڳالهائيندي بيگم ثيمنه علوي چيو ته احساس ڪفالت پروگرام تحت فيبروري کان خصوصي ٻارن جي والدين جي مدد فراهم ڪئي ويندي.