اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي وڌ??ڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي جڏهن ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۽ ترڪيءَ جي گرينڊ نيشنل اسيمبلي جي وچ ۾ پروٽوڪول ۽ صحيحون پڻ ڪيون ويون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پائيڪو ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل ترڪيءَ جي گرينڊ نيشنل اسيمبلي جي اسپيڪر مصطفيٰ سنٽوپ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پيڪو ڪانفرنس جي ڪردار کي فع??ل بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.