اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلين ??اري مملڪتي وزير زرتاج گل چيو آهي ته ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ وڏو اعزاز آهي، اهو وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي جي ڪ??ششن تي عالمي برادري جي اعتماد جو عڪاس آهي، پاڪستان ان حوا??ي سان وڌيڪ جامع قدم کڻندو. هو ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي 2021ع جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. وزيراعظم عمران خان تقريب جو خاص مهمان هو. زرتاج گل چيو ته ماحوليات جي حوا??ي سان پاڪستان جي لاءِ ٻه پهلو انتهائي اهم آهن، پهريون اهو ته ماحولياتي آلودگي جو سبب بڻجندڙ گرين ??ائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي، ٻيو اهو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن جي ڪري رونما ٿيندڙ قدرتي آفتن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ هن جو شمار ٿيندو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ جي مستقبل ۽ ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻائڻ جي ويزن رکي ٿو، ان مقصد جي لاءِ هن صاف ۽ سرسبز پاڪستان جو تصور پيش ڪيو جنهن جي روشني ۾ حڪومت ملڪي تاريخ جي وڏي منصوبي ۽ انقلابي پروگرام متعارف ڪرايا آهن. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ٽين بلين ??ري سونامي پروگرام تحت هيستائين ??ڪ ارب وڻ پوکڻ جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي، ان منصوبي سان جتي ٻيلن جي رقبي ۾ اضافو ٿيندو اتي 85 هزار گر??ن روزگار جا موقعا به پيدا ٿيا آهن، هن چيو ته ماحول کي آلودگي کان بچائڻ جي ڪ??ششن جي سلسلي ۾ بجلي تي هلندڙ گاڏيون متعارف ڪرايون پيون وڃن ۽ پاليسي تحت 2030ع تائين 30 سيڪڙو گاڏيون بجلي تي منتقل ٿي وينديون،