اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ ??يئرمين محمد صادق سنجراڻي ايران جي صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ اربع ڏينهن ايران روانو ٿيندو. سينيٽ سيڪريٽريٽ ??وجب سينيٽ ??يئرمين خصوصي جهاز مشهد پهچندو. محمد صادق سنجراڻي روزه حضرت امام رضا جي مزار تي حاضري به ڏيندو. سينيٽ ??يئرمين ايران جي صدر جي حلف برداري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. وزيراعظم پاڪستان عمران خا?? پاڪستان جي نمائندگي لاءِ سينيٽ ??يئرمين کي نامزد ڪيو آهي. سينيٽ ??يئرمين جُون ايران جي صدر سميت ٻين اعليٰ سياسي اڳواڻن سان اعليٰ سطحي ملاقاتون متوقع آهن، 5 آگسٽ تي سينيٽ ??يئرمين ايران کان واپس وطن ايندو.