اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??يڪڏهن توهان صحافين جا ايترا ئي خيرخواهه آهيو ته ??لاول صاحب ٻڌايو بطور انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز بل کي التوا ۾ ڇو رکيو آهي، ??رنلسٽ پروفيشنل اينڊ پروٽيڪشن بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ رڪيل آهي ان جو نقصان صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي ٿي رهيو آهي، ??هو قانون ٺهي وڃي ته ??حافين کي 100 سيڪڙو تحفظ ملندو، پي ايم ڊي اي جي ذريعي صحافين، ميڊيا ورڪرز جي پگهارن جي وقت سر ادائيگي ۽ نوڪرين جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويو آهي، مخالف ڌر تنقيد براءِ تنقيد پاليسي تحت پي ايم ڊي اي جي مخالفت ڪري رهي آهي، پي ايم ڊي اي ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي تربيت کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، معاشي استحصال تي 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿي ويندو، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي پنهنجي حقن جي لاءِ موثر پليٽ فارم ملندو، بلاول زرداري پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) کي پڙهڻ کانسواءِ ئي رد ڪري سياسي اناڙي هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. بلاول زرداري جي بيان تي ردعمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ??لاول ٻڌائي ته ??نڌ ۾ اجي لالواڻي ۽ عزيز ميمڻ سميت صحافين تي حملن ۽ صحافين جي قتل جي واقعن تي اڄ تائين ڪهڙي ڪارروائي ڪئي، پراسرار خاموشي تي صحافي برادري ۽ متاثر صحافي خاندانن کان معافي وٺندا. هن چيو ته ??نڌ ۾ ذخيره اندوزن جي حڪومت آهي، ??نهي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ مهانگائي سنڌ ۾ آهي، ??قيقت اها آهي ته پيپلزپارٽي ذخيره اندوزن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي، ??لاول صاحب ٻڌائي ته ڪيستائين سنڌ جي عوام کي انهن ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويندو. هن چيو ته پيپلزپارٽي مسلسل ٽيون ڀيرو سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي پر سنڌ جي عوام جا مسئلا جيئن جو تيئن آهن، اڄ تائين ڪرا??ي سميت سنڌ جي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه ڪندڙ ڪهڙي منهن س??ن وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا.