اسلام آباد-15 سيپٽمبر(اي پي پي ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان گڏيل عرب امارات جي هم منصب شيخ عبدالله بن زايد النهيان گذريل ڏينهن ٽيليفونڪ رابطو ??يو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻه طرفن ناتن ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبي ۾ سهڪار جي نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو . پرڏيهي وزير اماراتي هم منصب کي دبئي ۾ منعقد ٿيندڙ ايڪسپو 2020 ??ي بهت??ين انتظامن تي مبارڪباد ڏني ۽ ايڪسپو جي شاندا?? ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ??يو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن اهم علائقائي گڏيل دلچسپي وارن معاملن افغانستان جي صورتحال تي صلاح مشوري جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو .