اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان امن سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي، پاڪستان عالمي ا??ن ۽ استحڪام لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، گڏيل قو??ن جي ا??ن مشن ۾ پاڪستان جون خدمتون ان امر جو عملي نمونو آهي گڏيل قو??ن جو ميمبر هئڻ جي باوجود هندستان جي ظلم، بربريت ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي عالمي برادري کي ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو، افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻين ڪوششن کي عالمي برادري پاران ساراهيو پيو وڃي. عالمي ا??ن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو ته عالمي ا??ن ۽ استحڪام جي لاءِ هن وقت تائين پاڪ فوج جا 161 جوان شهيد ٿ?? چڪا آهن، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام عالمي ا??ن جي قيام لاءِ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي نوجوانن کي سلام پيش ڪري ٿي، هن چيو ته خطي ۾ هندستان جي والاريل ڪشمير ۾ بدامني ۽ ظلم ڪنهن کي نظر نٿو اچي. هن چيو ته پرامن افغانستان ئي پرامن پاڪستان آهي، هن چيو اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز کي به سلام پيش ڪريون ٿا جنهن دائمي ا??ن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، هن چيو ته پاڪستان نه رڳو پنهنجي ڌرتي پر عالمي ا??ن لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو.