اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته حڪومت ملڪي معدنيات جي ذخيرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ ٺـوس حڪمت عملي ٺاهي رهي آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن معدني ترقياتي پروگرام ت?? اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن حماد اظهر، اسد عمر، لاڳاپيل شعبي جي وفاقي ۽ صوبائ?? اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي معدني ترقياتي پروگرام جي نقطن ۽ تجويز ڪيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شعبي کي درپيش مسئلن جي نشاندهي سان گڏوگڏ قانوني ۽ انتظامي ڍانچي ۽ سيڙپڪا??ي جي موقعن کي فروغ سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي پڻ نظر ۾ رکي پروگرام جوڙي?? پيو وڃي. اجلاس کي ملڪي معدنيات جي ذخيرن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ پهاڙي لوڻ، چوني جو پٿر، چيني مٽيءَ، سليڪا واريءَ ۽ ڪيترين ئي ٻين صنعتي معدنيات جا ذخيرا موجود آه??، پاڪستان ۾ ڪرومائٽ، تانبي، سون، چاندي، لوهه، ليڊ ۽ زنڪ جا ڌاتي ذخيرا پڻ موجود آه??. سنگ مرمر، گرينائٽ ۽ واريءَ جي پٿر جي پڻ وسيع زخيرن جي موجودگي کان اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پکراج، زمرد، روبي، ٽورمالين (ترمري) ۽ ايڪواميرائن (نيلگون بلور) جهڙا قيمتي پٿر ۽ ڪوئلي جا ذخيرا پن وڏي مقدار ۾ موجود آه??. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته چنيوٽ ۽ ڪالاباغ ۾ لوهه جي ذخيرن تي سيڙپڪا??ي جي لاءِ حڪمت عملي حتمي مرحلن ۾ آه??. اجلاس کي چئين صوبن کانسواءِ گلگت بلتستان ۾ پڻ موجود ممڪن ذخيرن بابت آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته شعبي جي ترقي لاءِ تحقيق جي فروغ لاءِ قدم پڻ پروگرام ۾ شامل هوندا. وزيراعظم پروگرام کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪا??ي جي ڀرپور صلاحيت موجود آه??، پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال آه?? ۽ ان مان فائدو کڻڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آه??.