اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي شهر تريپوره ۾ انتهاپسند هندوئن پاران مسلمانن جي ڪيترن ئي مسجدن، گهرن ۽ دڪانن جي ٽوڙ ڦوڙ جي شديد مذمت ڪئي ??هي. جمعي تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀارتي شهر تريپوره ۾ مسجدن ج?? بيحرمتي ۽ مسلمانن جي ملڪيتن کي ٽوڙ ڦوڙ تي سخت رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهي حملا گذريل ڪجهه هفتن کان جاري آهن جڏهن ته رياستي مشينري نه رڳو مسلمانن ۽ انهن جي ملڪيتن جي تحفظ ۾ ناڪام رهي آهي پر مقامي مسلم تنظيمن کي مدد جي فراهمي ۾ به غير ذميدار رهي آهي. ترجمان چيو ته بي جي پي، آر ايس ايس ڳٺ جوڙ تحت هندو توا جي رڪارڊ 2002ع ۾ گجرات کان وٺي 2020ع ۾ نئين دهلي تائين مسلمانن جي قتل عام ۽ منظم انساني حقن جي خلاف ورزين سان ڀري پئي ??هي. اڄ هندستان ۾ اقيتلن جي لاءِ تمام گهٽ جڳهه آهي، جيڪا انتهائي مذمت جي قابل آهي. ترجمان چيو ته اهو به ايترو ئي قابل مذمت آهي ته آسام ۾ مسلمانن جي انهن جي ڏهاڪا پراڻي گهرن مان ٽارگيٽيڊ ۽ ظالماڻ?? بي دخلي جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر ۽ ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن خلاف ح??لن کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ان جي حفاطت، سلامتي ۽ ڀلائي ۽ ترقي ۽ انهن جي عبادتگاهن ۽ ثقافتي ورثي جي م??ڳن جي تحفظ کي يقيني بڻائي.