اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ مان منظور ٿيل چونڊ سڌارا بل تي صحيح ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ صحيحن واري تقريب ايوان صدر ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز، انساني حقن واري وفاقي وز??ر ڊاڪٽر شيرين مز??ري?? تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وز??ر شفقت محمود، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وز??ر اسد عمر، وز??راعظم جي پارلياماني م??املن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ ۽ پارلياماني م??املن واري مملڪتي وز??ر علي م??مد خان شرڪت ڪئي. صدر جي پاران صحيح کانپوءِ چونڊ سڌارن جو بل قانون بڻجي ويو آهي، ان تحت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي به ووٽ جو حق ڏنو ويو آهي جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت پهرين ئي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تيار ڪئي آهي.