لاهور – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڀارت جي ڪوشش آهي ته مسلمان ??ڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي، هندوتوا جي سوچ رکندڙ پارٽي کي وزيراعظم عمران ??ان ??ي نقاب ڪيو، 5 آگسٽ جي هڪ طرفي ڀارتي قدم کانپوءِ مودي سرڪار موقعو فراهم ڪري ڇڏيو ته ڪشمير مسئلو دنيا ۾ اڀري ??امهون آيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور پريس ڪلب ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي حوالي سان ??يمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪشميري مائرن کي سلام آهي جن پنهنجا پٽ قربان ڪيا، پاڪستان ??و آءِ سي ۽ هر فورم تي ڪشميرين جا مسئلا اجاگر ڪندو، جيڪو ملڪ ڪشميرين تي ظلم تي آواز نه ا??ار??ندو تاريخ ان کي مودي سان گڏ تصور ڪندي. هن چ??و ته ڪشمير مسئلي کي پاڪستان ??ي اندر ۽ ٻاهر رهندڙن ۽ سفارتخانن کي رخ تعين ڪري ??ڳتي کڻي وڃڻ جي ضرورت آهي. هن چ??و ته 5 آگسٽ جي هڪ طرفي ڀارتي قدم کانپوءِ ڪشمير مسئلو دنيا ۾ اڀري ??امهون آيو، عالمي ميڊيا سڄي دنيا ۾ ڀارتي هڪ طرفي قدم جي نشاندهي ڪئي، ڪشمير ۾ پيلٽ گنز جو استعمال ٿيو، بزرگن ۽ عورتن تي ظلم ڪيو ويو، برهان واني جهڙن آزادي جي مجاهدين کي شهيد ڪيو ويو. ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن دوران گڏيل قبرن جو انڪشاف ٿيو. ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪئي وئي، جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڏوهاري ??مل آهي. ان ??موري ??مل سان مودي سرڪار جو ڪارو چهرو دنيا آڏو بي نقاب ٿيو. هن چ??و ته اسان ??ا احساس ڪشميرين سان گڏ آهن. اتي ٿيندڙ ظلم جي تڪليف پاڪستان ??ي هر شهري کي محسوس ٿئي ٿي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني سدائين ڪشمير مسئلو اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان ڪردار ادا ڪن ٿا، اوورسيز جي ڪوششن کي ساراهڻ گهرجي.