اسلام آباد – 04 في??روري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير مسئلو اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ هو، آهي ۽ رهندو، پاڪستان هٿين خالي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو، ڪشميري عوام اڄ به عالمي انصاف جي منتظر ??هي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنج في??روري يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان اهم پيغام ۾ چيو ته 5 في??روري تي هن سال به اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڀرپور انداز ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪنداسين. هن چيو ته 1990ع ۾ جڏهن هٿين خالي ڪشميرين تي طلم ۽ بربريت جا پهاڙ ڪيرايا ويا ته پاڪستان عالمي برادري کي باور ڪرايو ته ڪشمير مسئلي جي حوالي سان توهان پاڪستان ۽ ڪشميرين سان هڪ واعدو ڪيو ??و، جيڪو اڃان تائين وفا نه ٿي سگهيو، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عالمي سطح تي هڪ تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي ۽ سلامتي ڪائونسل جون ڪيتريون ئي قراردادون ان حوالي سان موجود آهن. ڪشميرين سان واعدو ڪيو ??يو ??و ته گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ انهن کي في??لي جو اختيار ڏنو ويندو ۽ انهن جي راءِ جو احترام ڪيو ??يندو. شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 90ع جي تاريخ اڄ وري ورجائي پئي وڃي، هٿين خالي ڪشميرين کي سرچ اينڊ ڪوارڊن آپريشن جو نشانو بڻايو ??يو ??ڃي کين عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ??يو ??ڃي، معصوم ڪشميرين، عورتن، ٻارن کي ب?? رحماڻي تشدد جو نشانو بڻايو ??يو ??ڃي، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان پنج في??روري تي يڪجهتي جي اظهار جي ذريعي مظلوم ڪشميرين کي اهو يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته اسان انهن سان گڏ انهن جي خودمختيار?? واري حق جي جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ب??ٺل آهيون . پاڪستان هٿين خالي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو،. هن چيو ته ڪشمير مسئلو اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ هو، آهي ۽ رهندو. اسان مظلوم ڪشميرين تي ڪيل ظلمن ۽ انهن جي ب??يادي حقن جي پائمالين جي خلاف آواز بلند ڪندا رهنداسين ۽ عالمي ضمير کي جنجهوڙيندا رهنداسين، شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشميري نه اڪيلا هئا ۽ نه ئي اڪيلا آهن، 5 في??روري تي انشاءُ الله پوري قوم مظلوم ڪشميرين سان گڏ يڪجهتي جو اظهار ڪندي.