ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان ماسڪو ۾ گرينڊ مسجد ۽ اسلامڪ سينٽر ج?? دورو ڪيو. وفاقي وزير ۽ وفد سان ميمبر وزير??عظ?? سان گ?? هئا. وزير??عظ?? عمران خان ۽ گرينڊ مفتي جي وچ ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. وزير??عظ?? ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ان مسجد جو ڪم گهڻو وقت اڳ شروع ٿيو پر ان کي 2014ع ۾ مڪمل ڪيو ويو. هن چيو ته مون کي دوري دوران ٻڌايو ويو آهي ته روس ۾ 2 هزار مسجدون آهن. وزير??عظ?? چيو ته منهنجي روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان اسلامو فوبيا جي حوالي سان ٺوس ۽ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته روسي صدر ج?? نبي ڪريم ﷺ جي حوالي سان محبت جو اظهار قابل تحسين ڳالهه آهي. هن چيو ته صدر سان ملاقات دوران مون چيو ته اسان کي ان صورتحال کي گڏجي منهن ڏيڻ گهرجي. بدق??مت?? سان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان نفرتون پيدا ٿي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ان حوالي سان پوري ڪوشش ڪندو ته اولهندي ملڪن کي اسلام جي حوالي سان آگاهي ڏي ۽ ٻڌائي ته اسلام جو دهشتگردي سان ڪو به واسطو نه آهي. هن چيو ته روس جي گرينڊ مسجد هڪ خوبصوت مسجد آهي.