ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? ۽ ر??سي صدر ولادي مير پيوٽن ون آن ون م??اق??ت ۾ معيشت، واپار ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان اڳ ر??سي فيڊريشن جي ايگزيڪيوٽو هيڊڪوارٽرز ڪريملن پهچڻ تي صدر پيوٽن وزيراعظم عمران خا?? جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خا?? ۽ ر??سي صدر ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن، بطرفي واپار، معيشت ۽ توانائي خاص طور تي پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي ۾ تعاون ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. 23 سالن کانپوءِ ڪنهن پاڪستاني وزيراعظم جو روس ??و هي پهريون دورو آهي ۽ ان دوري کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي تجديد لاءِ هڪ تاريخي قدم قرار ڏنو پيو وڃي.