اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان پاران لاهور جي دوري دوران چوڌري شجاعت حسين ج?? صحت معلوم ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ج?? وچ ۾ پيڪا قانون سميت ٻين اهم معاملن تي پڻ خيالن ج?? ڏي وٺ ٿي. چوڌري پرويز الاهي اطلاع??ت وا??ي وفاقي وزير کي پيڪا قانون تي ميڊيا پارٽيز جي خدشن کان آگاهه ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته پنجاب جو اسپيڪر پيڪا قانون تي ميڊيا ۽ حڪومت جي وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان موثر ريگيوليشن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اطلاعات ۽ نشري??ت وا??ي وفاقي وزير چيو ته حڪومت تنقيد جي آجيان ڪري ٿي پر تنقيد جي آڙ ۾ ڪنهن ج?? ذات تي حملو ڪرڻ قطعي طور تي صحيح نه آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جا ميڊيا ڌرين سان ج??ڪي به معاملا طئي ٿيندا حڪومت انهن تي عملدرآمد ڪندي.