اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پشاور قصه خواني جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته دهشتگرد ملڪ، قوم ۽ اسلام جا دشمن آهن، جن کي الله تعاليٰ جي گهر جي حرمت نه آهي اهي انسان س??را??ڻ جي لائق به نه آهن. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آه??، دهشتگردي جي ان واقعي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي دل ڏکويل آه??، دهشتگردي خلاف جانيون ڏيندرن جو رت رائيگان نه ويندو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت زخمين کي هر ممڪن بهتر علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيا??ي لاءِ دعاگو آهيون.