اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان هائوسنگ واري وفاقي وزير چوڌري طارق بشير چي??ا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال بابت خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزي?? وزيراعظم کي ملڪ ۾ وچولي ۽ گهٽ آمدني واري طبقي جي لاءِ گهٽ لاڳت جي گهرن جي تعمير جي منصوبي جي اڳڀرائي تي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ماڻهن کي گهرن جي باعزت فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ۽ لاڳاپيل ادارن کي ان مقصد کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي.