اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪ فضائيه ۾ جديد ترين جنگي جهاز شامل ٿيڻ سان پاڪ فضائيه ڀارتي تڪبر کي هڪ دفعو ٻيهر مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي، ڀارت را??يل جهاز حاصل ڪري برتري جي دعويٰ ڪئي هئي، پاليسي جا فيصلا پارليامينٽ ۽ حڪومت جو اختيار آهي، اسان جي خواهش آهي ته ??ياسي صورتحال جلد کان جلد ۽ 23 مارچ جي تقريب کان اڳ ختم ٿئي، پاڪستان مسلم ليگ (ق) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف اتحادي آهن ۽ اسان اتحادين جهڙي ئي سوچ رک??ن ٿا، پيڪا آرڊيننس تي چوڌري پرويز الاهي سان ڳالهه ٿي آهي، حڪومتي اتحادي جلد وزيراعظم کي اعتماد جو باضابطه اعلان ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن چوڌري ڀائرن سا?? ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ??ا??يل جهاز حاصل ڪري ڀارت برتري جي دعويٰ ڪئي هئي، جي 10 سي جي پاڪ فضائيه ۾ شموليت سان اها برتري پاڪ فضائيه کي حاصل ٿي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قانون تي اسان چوڌري پرويز الاهي کي درخواست ڪئي هئي ته هو پيڪا قانون جي حوالي سان ثالثي جو ڪردار ادا ڪري ۽ ڏسي ته ??ن ۾ ڪهڙي بهتري آڻي سگهجي ٿي ۽ هاڻي اسان ان سا?? ملاقات ڪئي آهي. هن چيو ته ??ڄ صبح اخباري مالڪن سان به اسان جي ملاقات ٿي ۽ چوڌري صاحب سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ اسان ان معاملي کي جامع طريقي سان اڳتي وٺي وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته چوڌري پرويز الاهي سان سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ان تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هن چيو ته مسلم ليگ (ق) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف اتحادي آهن ۽ اسان اتحادين جهڙي ئي سوچ رک??ن ٿا، چوڌري فواد حسين چيو ته مستقبل ۾ جيڪي به وڏا فيصلا ٿيڻا آهن ان تي مسلم ليگ (ق) ۽ پي ٽي آءِ هڪ ئي پليٽ فارم تي آهن ۽ جيڪي خدشا آهن اهي ڪافي حد تائين ختم ڪري ڇڏيا آهن ۽ باقي به ختم ڪري ڇڏينداسين ۽ بي اعتمادي جو اجلاس گهرائڻ کان اڳ سمورا اتحادي وزيراعظم تي اعتماد جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيندا جنهن سان موجوده صورتحال ختم ٿي ويندي. هن چيو ته ??هو ان لاءِ به ضروري آهي ته 23 مارچ تي تقريبن 40 کان وڌيڪ ملڪن جا پرڏيهي وزير، 200 کان وڌيڪ وفد ۽ ٻين اهم ملڪن جا پرڏيهي وزير پاڪستان اچي رهيا آهن، اسان چاهي??ن ٿا ته ??ها سياسي صورتحال ان تقريب کان پهرين ختم ٿي وڃي ۽ اميد آهي ته ??تحادين پاران وزيراعظم تي اعتماد جو باضابطه اعلان جلد ٿي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ق) حڪومت سان گڏ آهي، هو ڪابينا جو حصو آهي، هن چيو ته پنجاب ۾ هڪ انار سئو بيمار وارو حاصل آهي، انشاءُ الله سڀني کي مطئمن ڪنداسين ۽ توهان ڏسندا ته معاملو افهام و تفهيم سان حل ٿيندو، هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته ??ليم خان جي ترجمان لنڊن ۾ نواز شريف سا?? ملاقات جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، عليم خان ۽ جهانگير ترين کي اسان پي ٽي آءِ جو حصو تصور ڪري??ن ٿا ۽ جيڪو به فيصلو ٿيندو پي ٽي آءِ جي حق ۾ ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته فوج ۽ حڪومت ڌار ناهن هونديون، آئيني اسڪيم ۾ فوج حڪومت ۽ ايگزيڪيٽو جو حصو آهي ۽ ان تي ڪا به ٻٽي راءِ نه آهي، هن چيو ته هن وقت جيڪا سياسي سرگرمي آهي اها صرف عدم اعتماد جي ڪري نه پر 2023ع جي عام چونڊن ۽ ان کان اڳ بلدياتي چونڊن جي ڪري آهي.