اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گرين ايرياز کي رهائشي ۽ واپاري علائقن ۾ بدلائڻ سان ۽ بنا منصوبابندي ۽ غير منظم شهري پکيڙ سان فوڊ سيڪيورٽي متاثر ٿيندي، پنجاب حڪومت ٻوڏ جي خطري وارن ع??ائقن ۾ قائم غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽين جي خلاف ڪارروائي ڪري ڇو ته اهڙن ع??ائقن ۾ هائوسنگ سوسائٽين سان ع??ام جي جانين ۽ سرمائي کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي. وزيراعظم عمران خان سين??رل بزنس ڊسٽرڪٽ (سي بي ڊي) ۽ راوي اربن ڊ??لپ??ينٽ اٿارٽي (آر يو ڊي اي) جي منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جي خاص مدد??ار ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير سر??ار عثمان بوزدار، هائوسنگ واري صوبائي وزير ملڪ اسد کوکر، بلديات واري وزير ميان محمود الرشيد، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه ۽ اعليٰ عملدارن وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ماحولياتي لحاظ سان پائي??ار ۽ منصوبابندي سان جديد شهرن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڊيڊ سرمائي کي ريوينيو پيدا ڪندڙ منصوبن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، حڪومت رهائشي ۽ واپاري ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ سرسبز علائقن جي تحفظ لاءِ نئين شهري منصوبن جي لاءِ ماحول دوست طريقا اختيار ڪري رهي آهي، وزيراعظم سين??رل بزنس ڊسٽرڪٽ جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سي بي ڊي ۾ 2 ڪمرشل پلاٽن جي نيلامي سان 57 ارب 88 ڪروڙ روپين جو رڪارڊ روينيو حاصل ٿيو، هن چيو ته حڪومت ڊيڊ سرمايو جيڪو سڄي ملڪ ۾ استعمال کانسواءِ پيل آهي ان کي پائي??ار روينيو حاصل ڪرڻ جي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، هن پرڏيهي پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته هو سين??رل بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊ??لپ??ينٽ اٿارٽي منصوبن ۾ محفوظ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن، هن پنجاب حڪومت کي هدايت ڪئي ته هو ٻوڏ جي خطري وارن ع??ائقن ۾ زمينن کي وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽين جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڇو ته ان سان ع??ام جي جانين ۽ سرمائي کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي. ان کان اڳ اجلاس کي سين??رل بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊ??لپ??ينٽ اٿارٽي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ پهرين ڊائون ٽائون نيلامي، پاور پلانٽ جي تعمير، چار باغ، جوک، قومي پارڪ، روڊاڙ ٽيڪنالاجي پارڪ، اوورسيز پاڪستانين جا 10 هزار اپارٽمينٽس، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ ۽ ٻيون سهولتون شامل آهن.