اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گلو??لا??يزيشن دنيا کي متحد ڪري ڇڏيو آهي، گلو??لا??يزيشن جي ڪري سيڪيورٽي اندروني امن سان مشروط آهي ۽ پاڪستان امن ۽ استحڪام چاهي ٿو. اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي ڊائيلاگ کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان امن ۽ استحڪام چاهي ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا جيو پوليٽڪس کان جيو اڪنامڪس طرف وڌي رهي آهي اسان نئين دور ۾ امن سان اڳتي وڌڻ چاه??ون ٿا. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ترقي ۽ امن جو حصيدار آهي?? اسان روايتي حصيداري کان به اڳتي جا لاڳاپا چاه??ون ٿا. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي لاءِ وڏو ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿيندو?? اسان خطي ۾ غربت ۽ ??عل??م جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جو سپر سونڪ ميزائيل پاڪستان ۾ ڪرڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي. ڀارتي ميزائيل جي ڪري خطي ۾ سيڪيورٽي مسئلا جنم وٺي سگهيا پئي.