اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ هنرمندي افرادي قوت جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ??ڀرندڙ مارڪيٽ رجحانن ??وجب وڌيڪ هنرمند پيشيور ماڻه?? تيار ڪن، هنرمندي انساني وسيلن جي وڌندڙ گهرج پورو ڪرڻ لاءِ ??ن لائن ۽ فاصلاتي تعليم کي فروغ ڏيڻو پوندو. اها ڳالهه هن ايوان صد?? ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي صد??رت ڪندي چئي. اجلاس ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار ۽ يونيورسٽي جي سينيٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته يونيورسٽيون اڀرندڙ مارڪيٽ رجحانن ??وجب وڌيڪ هنرمند پيشيور ماڻه?? تيار ڪن، پاڪستان سان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ هنرمند ماڻهن جي سخت ضرورت آهي، هن چيو ته شاگردن جو تعداد وڌائڻ جو منصوب?? تيار ڪرڻ لاءِ ??سڪلز يونيورسٽي هڪ ڪميٽي جوڙي، هنرمندي افرادي قوت جي مارڪيٽ گهرج پوري ڪرڻ لاءِ مختصر ڪورسز شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، صد?? چيو ته سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ ٻه شفٽون شروع ڪرڻيون پونديون، هنرمند انساني وسيلن جي وڌندڙ گهرج پورو ڪرڻ لاءِ ??ن لائن ۽ فاصلاتي تعليم کي فروغ ڏيڻو پوندو، اجلاس ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ جي ٽئين اجلاس جي منٽس جي به منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ مير چاڪر خان رند يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، ڊيره غازي خان سان مفاهمت جي يادداشت جي به منظوري ڏني وئي، يادداشت تحت ادارن جي وچ ۾ تحقيق، تعليم ۽ پيشيوراڻي مهارت جي تربيتي پروگرامن کي فروغ ڏنو ويندو.