اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب مسلم ليگ (ن) جي صوابي ۾ ڪامياب جلسي تي خيبرپختونخو?? جي عوام جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته بهادر، سچي ۽ غيرمند پشتونن جي عوامي عدالت عمران خان جي سا??شي خط جي تماش?? کي اڄ پوري طاقت سان رد ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو عوام جو اهو سيلاب آهي جنهن اڄ ڪوڙي ۽ ٺڳ سا??شين جي سا??شي ٿيوري دفن ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته 8 سالن کان صوبي ۾ مڙهيل نالائقي، نااهلي ۽ ڪرپشن جي خلاف عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته تماشو بند ڪريو ۽ پنهنجي ڪارڪردگي جو حساب ڏيو.