انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ترڪ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ??عوت ڏني آهي. ڊي اي آءِ ڪي – فار اڪنامڪ رليشنز بورڊ تحت ترڪي پاڪستان بزنس ڪائونسل کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو آه?? ته پاڪستان ۾ هائيڊل، ٿرمل، ڪول، ونڊ ۽ سولر سميت توانائي جي ??عبي ۾ ترڪ سيڙپڪارن لاءِ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، وزيراعظم چيو آه?? ته ڪيترائي مشهور ترڪ سيڙپڪار پهرين ئي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري چڪا آهن، هن يقين ڏياريو ته حڪومت انهن منصوبن جي ??لسلي ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي توانائي جي وڌندڙ قيمتن ۽ پاڪستان ۾ توانائي جي وڌندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان کي توانائي جي ??عبي ۾ بهتري آڻڻ جي ??رورت آهي، توانائي جي ??عبي ۾ سيڙپڪاري سان ترڪ سيڙپڪار ۽ پاڪستان ٻنهي کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان آبي وسيلن ۽ ڊيمن جي ??عمير لاءِ ترڪي جي مهارت مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا اجاگر ڪندي وزيراعظم خصوصي توانائي، هائوسنگ، ٽيڪسٽائيلز، انفرااسٽرڪچر جي ??رقي، تيل ۽ گئس ۽ زراعت تي ٻڌل صنعتن جو خاص طور ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ لاڳاپا محبت، اخوت، گڏيل احترام جي ??نياد تي هموار آهن ۽ ٻئي ملڪ تاريخ، صديون پراڻي روايتن ۽ گڏيل امنگن جا امين آهن، هن چيو ته ٻئي قومون هر طرح جي ??التن ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ۽ انهن جا لاڳاپا نهايت دوستاڻا ۽ غير معمولي گڏيل اعتماد تي ٻڌل رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي ٽيڪسٽائيل ڪمپنيون پاڪستان ۾ خاص طور عالمي صنعت، واپار ۽ گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿيون ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح جي ويلو چينز ۾ حصيدار بڻجي ??گهن ٿيون، هن ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ زراعت تي ٻڌل صن??تي شعبي ۽ ڊيري فارمنگ ۾ سيڙپڪاري جي ??عوت به ڏني ۽ چيو ته انهن شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪ ڪمپنيون تيل ۽ گئس جي ??عبن ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿيون ۽ نه رڳ?? تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ پيداوار پر ريفائنريز جي ??عمير ۽ پائيپ لائينز وڇائڻ ۾ به حصيداري ڪري سگهن ٿيون وزيراعظم پنهنجي ??ڪومت جي ??رجيحن کي اجاگر ڪندي چيو ته چوٿين عالمي صن??تي انقلاب جي ??ناظر ۾ خاص طور صن??تي پيداوار جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ اهميت رکندڙ آهي، هن چيو ته پاڪستان جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، جيڪا ملڪ جي ??رقي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.