اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف ملڪ ۾ قيمتي معدنيات جي ڳولا ۽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بجلي جي پيداوار ۽ ٻين صنعتن ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال جو وڌ کان وڌ حصو مقامي سطح تي پيدا ڪري ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچايو وڃي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير مولانا عبدالواسع جي سربراهي ۾ آل پاڪستان مائنز اينڊ منرلز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي سطح تي اعليٰ ڪوالٽي جي ڪوئلي، لوهه ۽ ٻئي قيمتي معدنيات جي ڳولا ۽ نيڪالي جي نظام کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ مختلف تجويزون بحث هيٺ آيون. وزي??اع??م ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي هدايت ڪئي ته جيئن بجلي جي پيداوار ۽ ٻين صنعتن ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال جو وڌ کان وڌ حصو مقامي سطح تي پيدا ڪري ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهجي. وزي??اع??م ان سلسلي ۾ ٿر ۽ لاکڙا ۾ موجود ڪوئلي سان گڏوگڏ ميانوالي ۽ چنيوٽ ۾ دريافت ٿيل لوهه جي ذخيرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزي??اع??م ملڪ ۾ مائننگ سيڪٽر جي ترقي جي لاءِ عملي تجويزون جوڙي جلد کان جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ان مقصد جي لاءِ ناڻي واري وزارت، توانا??ي واري وزارت، پيٽروليم واري وزارت، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن ??ي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ان کانسواءِ وزي??اع??م سمورين وفاقي وزارتن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مائننگ سيڪٽر سميت سمورن ??عبن جي لاءِ اعليٰ تعليم يافته ماهرن ??ي ڳولا لاءِ پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي سربراهي ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي ٺاهڻ جو پڻ حڪم ڏنو. ملاقات ۾ توانا??ي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، وزي??اع??م جي صلاحڪار احد چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين عاصم احمد ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.