اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ ا??لي جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏي??دي چيو آهي ته پاڪستان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ ا??لي سان تعاون ۾ خصوصي دلچسپي رکي ٿو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ ا??لي جي سفير اينڊريس فراريز وزيراعظم شهباز شريف سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ ا??لي کي پاڪستان جو و??جه?? دوست ۽ قابل اعتماد حصيداري قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ا??لي جا وڌندڙ لاڳاپا ٻطرفي تعاون سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت هڪ جهڙائي جي نشاندهي ڪن ٿا، يورپي يونين جي ترجيح واپاري اسڪيم جي ايس پي پلس جي ڏس ۾ ا??لي جي حمايت کي ساراهيندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپا??ي ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ موجوده صلاحيت کي وڌيڪ استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ ا??لي سان تعاون ۾ خصوصي دلچسپي رکي ٿو جنهن ۾ ا??لي نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. وزيراعظم افغانستان جي صورتحال جي ڏس ۾ عالمي برادري سان خاص طور تي گذريل سال آگسٽ کان جاري پاڪستان جي تمام گهڻي تعاون ت?? پڻ روشني وڌي. ا??لي جي سفير وزيراعظم پاران استقبال تي سندس ٿورا مڃيندي پاڪستان ۽ ا??لي جي وچ ۾ موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٺوس بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.