فيصل آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) فيصل آباد چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر عاطف منير شيخ چيو آهي ته قائداعظم جي اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي سنهري ۽ رهنما اصولن تي عمل پيرا ٿي ڪري سڀني مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. جڏهن ته پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي سڄي قوم کي متحد ٿي امن، اخوت، محبت جي درس کي ??ام ڪرڻ جو وچن ڪرڻو پوندو. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ماضي جي ابتڙ هن ڀيري ڊائمنڊ جوبلي جي ڪري آزادي جي ڏهاڙي تي پروقار تقريب سان مل??ائڻ ۽ ان پيغام کي ??ام ڪيو ويندو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي ??لو??ا انگيز قيادت ۾ اسان جي بزرگن اسان کي ??زاد ملڪ حاصل ڪري ڏنو.