اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي ۽ حمايت جي ڀرپور اظهار لاءِ ڀائر ملڪ ترڪيه ??ا چار جهاز امدادي ساما?? کڻي ڪراچي پهچي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته ترڪ حڪومت پاران مو??ليل امدادي سامان جي کيپ صدر رجب طيب اردوان جي هن مشڪل وقت ۾ پاڪستاني عوام جي هر قسم جي مدد جي عزم جو حصو آهي. پرڏيهي وزارت جي عملدارن انساني امداد کڻي ايندڙ اڏامن جي آجيان ڪئي. ڪراچي ۾ ترڪيه ??ي قونصل جنرل سيمل سانگو امدادي شيون پاڪستاني عملدارن جي حوالي ڪيون. ترجمان موجب امدادي سامان ۾ خيما، دوائون، کاڌي پيتي جون شيون ?? ٻيو ضروري سامان شامل آهي.