اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀائر ملڪ گڏيل عرب امارات مان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 50 م??ين ڊالر جو امدادي سامان اچڻ شروع ٿي ويو آهي. گذ??يل ر??ت صدر محمد بن ز??د النهان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ هن يقين ڏياريو ته هو ٻوڏ متاثرين جي امداد جاري رکندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته يو اي اي جي صدر جي دعوت تي منهنجو 3 سيپٽمبر تي گڏيل عرب امارات جو دورو طئي هو پر اسان سڄو ڌيان متاثرين جي ريليف ۽ بحالي تي ڏ??ڻ جي لاءِ ان دوري کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڻ سان گڏ بيهندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن جا سدائين قرضي رهنداسين.