اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ?? ترڪيه جي اعليٰ سطحي وفد جي يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان جي دوري سان ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي مضبوط رشتي جي عڪاسي ٿئي ٿي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي هدايت تي پاڪستان جو دورو ڪندڙ ترڪيه جي اعليٰ سطحي وفد سان ساڻس ملاقات ٿي آهي جيڪو گهرو وزير سليمان سوئلو ۽ ماحوليات، شهري ??عا??لن ۽ ماحولياتي تبديلي واري وزير مرات ڪورم جي قيادت هيٺ پاڪستان جي دوري تي آهي. هن چيو ته هي وفد اسان جي تاريخ جي مشڪل ترين گهڙيءَ ?? يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان آيو آهي، ترڪيه جي مدد سان اسا?? کي وڏي طاقت ۽ اعتماد حاصل ٿيو آهي، اسان رجب طيب اردوان جا جيترا به ٿورا مڃون گهٽ آ??ن. ??ن چيو ته هن دوري سان ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي مضبوط رشتي جي عڪاسي ٿئي ٿي.