اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان ??اڪ??تان جي دوري تي آيل بين الپارلياماني يونين جي صدر دوارتي پشيگو پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن جي ميمبر ملڪن تي ٻڌل ٻن ڏينهن واري سيمينار سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ??اڪ??تان جي قومي اسيمبلي ۾ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ خطي جي ٽئين علائقائي سيمينار ۾ شرڪت تي آءِ پي يو جي صدر جي آجيان ڪئي. اسپيڪر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ??اڪ??تان تاريخ جي بدترين موسمياتي تب??يلين سان ٿيندڙ تب??هي کي منهن ڏئي رهيو آهي. موسمياتي تب??يلين جي ڪري ٿيندڙ نقصان جي شدت ناقابل تصور هئي. ??اڪ??تان موسمياتي تب??يلين جي ڪري پيدا ٿيندڙ صحت جي لاءِ خراب اثرن ۾ حصيدار نه آهي. ترقي يافته ملڪن پاران وڌيڪ ڪاربن جي اخراج سان ??اڪ??تان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. ??اڪ??تان ۾ موسمياتي تب??يلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن کي سمورن عالمي فورمز تي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر چيو ته موسمياتي تب??يلي هڪ عالمي مسئلو آهي. موسمياتي تب??يلين جي عالمي مسئلي جي مناسب ۽ وقت سر حل جي لاءِ عالمي حمايت ۽ تعاون جي ضرورت آهي. ??اڪ??تان کي هن وقت سڀ کان وڏو چئلينج ٻوڏ کان متاثر عوام جي صحت ۽ بحالي آهي. آءِ پي يو ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ روزمره جي زندگي جي بحالي ۽ چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ ??اڪ??تان جي مدد ڪري. ??اڪ??تان ان آفت جو مقابلو ڪري رهيو آهي پر عالمي برادري جي ڀرپور حمايت کانسواءِ نقصان جو ازالو ممڪن نه آهي. آءِ پي يو جي صدر طوفاني ب??سا??ن ۽ فلڊ جي نتيجي ۾ ??اڪ??تاني عوام جي پريشانين جي ازالي لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ خطي جو ٽيون آءِ پي يو جو علائقائي سيمينار منعقد ڪرڻ ۾ اسپيڪر جي گهري دلچسپي ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته ايشيا پيسفڪ جو ٻن ڏينهن وارو سيمينار ملڪ جي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي، واپار ۽ سياحت ۾ پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي ذريعي باقاعده مٽاسٽا ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ۽ چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پارلياماني سفارتڪاري انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.