اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار ۾ اضافي تي ڌيان ڇڪرائيندي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه ترڪيه لاءِ پاڪستان ??ي نامزد سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد سان ڳالهائيندي ڪئ??، جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئ??. صدر نامزد سفير کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ??رڪيه سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته شين جي واپار جي معاهدي تي صحيحن سان وچولي مدي ۾ 5 ملين ڊالر جو ٻطرفو واپاري هدف حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ٿيندي. هن سڄي دنيا ۽ خاص طور تي هندستان ۾ جتي مسلمانن کي روزاني جي بنياد تي هراسان ڪيو پيو وڃي، اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ??ي ڪوششن جي لاءِ ترڪيه جي حمايت جو اعتراف ڪيو. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ت??ڪيه پاران پاڪستان ??ي حمايت تي به ٿورا مڃيا ۽ نامزد سفير کي چيو ته هو ترڪيه کي انهن جذبن کان ??گاهه ڪري. صدر نامزد سفير کي يقين ڏياريو ته پاڪستان ??رڪيه جي بنيادي ايشو تي ان ??ي حمايت لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان ??ي ت??ڪيه سان لاڳاپن جي قيام کانپوءِ هي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مجموعي طور تي 190 کان وڌيڪ معاهدن/ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن.