ڪراچي- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آبادگارن کي مفت ۾ ڪڻڪ جو ٻج فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آبادگارن کي ربيع سيزن لاءِ 24 لک ايڪڙن لاءِ ڪڻڪ جو ٻج مفت ۾ ڏينداسين، جنهن جي فراهمي ايندڙ مهيني کا?? شروع ڪئي ويندي، سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي گهر به ٺهرائي ڏيندي، اسان جي ڪوشش آهي ته ٻوڏ متاثرن کي روڪ رقم ڏيئون ته جيئن هو پنهنجا گهر پاڻ ٺهرائي ??گه??. منظوروساڻ جو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا ڳالهائيندي وڌيڪ چوڻ هو ته مون کي 29 آڪٽوبر کا?? 29 نومبر تائين ڏينهن خطرناڪ نظر اچي رهيا آهن، مونکي هڪ مهينو خطرناڪ نظر اچي رهيو آهي ان دوران ملڪ ۾ ڪجهه به ٿي ??گه?? ٿو. منظور وساڻ عمران خان کي مشورو ڏيندي چيو ته عمران خان سيڪنڊ ليڊر شپ بجاءِ پاڻ سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪري، جيڪڏهن ڪو رستو نه ڪڍيو ويو ته حالتون خراب ٿينديون، جنهن سياستدانن جو وڏو نقصان ٿيندو. هن چيو ته عمران خان لانگ مارچ نه ڪندو ٿي ??گه?? ٿو ته هو ڪارڪنن کي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ احتجاج ڪرڻ جو چوي، منهنجي خواهش آهي ته عمران خان نااهل نه ٿئي سياسي ميد??ن ۾ اچي مقابلو ڪري، ڪنهن اڳواڻ جي نااهل ٿيڻ جو مان مخالف آهيان. منظوروساڻ چيو ته ڪجهه ماڻهون ٻاهر ايندا، ڪجهه ٻاهران ايندا ۽ ڪجهه اندر ويندا، عمران خان لاءِ ڏينهن خراب آهن، اليڪسڻ ڪڏهن ٿيندي اهو 29 نومبر کا?? پوءِ ٻڌائيندس ته عام چونڊون ڪڏهن ٿينديون، سنڌ ۾ ٻين پارٽين جو مستقبل ڪونهي ڪو، جي ڊي اي ختم ٿي چڪي آهي، فنڪشنل ليگ جي به پوزيشن گهٽ آهي.