اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فارن فنڊيڊ فتنا! وزيراعظم ته هاڻي شهباز شريف آهي توها?? جي مرضي فوت ٿي وڃو، فارن فنڊيڊ فتني اڳ ۾ تسليم ڪيو ته آرمي چيف کي پنهنجي اقتدار کي بچائڻ جي لاءِ تاحيات ايڪسٽينش?? جي لاءِ آفر ڪئي، فارن فنڊيڊ فتني اڄ مڃي ورتو ته تڪليف رڳو آرمي چيف لڳائڻ جي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خا?? جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته جوتا پالش ڪرڻ واري پالش جي ڪاراڻ توها?? جي منهن تي صاف نظر اچي رهي آهي. فارن فنڊيڊ فتنا! هاڻي ته شهباز شريف جي حڪومت آهي، توهان رُوئو، پٽيو يا رڙيون ڪريو، هاڻي ته ??ها ئي حقيقت آهي. هن چيو ته شهباز شريف چور هو ته عدالتن ۾ ثبوت ڇو نه ڏنا؟ هاڻي دير ٿي وئي، شهباز شريف چور هو ته ٽي سال برطانيا جي عدالت اين سي اي ۾ ثبوت ڇو نه ڏنا؟ هن يچو ته راڻا ثناءُ الله قاتل هو ته هيروئن ڇو وجهي گرفتار ڪيو؟ ڪيڏانهن ويا ثبوت؟ هاڻي دير ٿي وئي، نواز شريف کي توها?? جي حڪومت ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني، نه ڏي?? ها، هاڻي دير ٿي وئي. جيڪڏهن احتساب ڪري رهيا هئا ته پوءِ آرمي چيف کي تاحيات ايڪسٽينش?? جي آفر ڇو ڪئي؟ هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو حڪومت ۾ نه ته مارشل لاء؟ ??ها ئي توهان فسطائي ۽ آمراڻي ذهنيت، ڪرپشن جا ڪيس صحيح هئا ته طيبه گل کي وزيراعظم هائوس ۾ حبس بيجا ۾ ڇو رکيو ڪيس صحيح هئا ته توها?? جي حڪومت جي دور ۾ عدالتن آزاد ڇو ڪيو؟ هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنا! هاڻي تمام گهڻي دير ٿي وئي. خوني مارچ هلندو پيو وڃي ۽ معصوم جانيون ختم ٿينديُون پيون وڃن. هن چيو ته سڀ چور هئا ته جيلن ۾ وجهڻ ۽ الزام هڻڻ ۾ جيترو زور لڳايو هو ايترو ثبوت گڏ ڪرڻ ۾ لڳاي?? ها؟ چور، ڌاڙيل، ڪوڙو، نااهل نالائق فارن فنڊيڊ تون پاڻ آهين، عوام کي سڀ خبر آهي.