اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ف??سط??ني عوام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ۽ واضح حمايت جو ورجاءُ ڪن??ي چيو آهي ته ف??سط??نين جي آزادي جي جدوجهد ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين انهن کي خودمختياري واري حق جي استعمال جو موقعو نه ٿو ڏنو وڃي ۽ پاڪستان انهن سان گڏ جدوجهد ۾ بيٺل رهندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ف??سط??ني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان تاريخي طور تي ف??سط??نين جي جائز جدوجهد جي حمايت ڪندو آيو آهي ۽ ڪندو رهندو. پاڪستان عالمي سطح تي تسليم ٿيل شرطن ۽ امن معاهدي تي ڳالهين جي لاءِ ف??سط??ني رضامندي جي حمايت ڪري ٿو. صدر چيو ته اڄ عالمي برادري سان ف??سط??ني عوام سان گڏ يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون. ساڍن ستن ڏهاڪن ۾ اسرائيل ف??سط??نين سان منظم ۽ وڌندڙ زيادتيون جاري رکيون، بيگناهن جو رت وهايو ??يو ۽ ف??سط??نين جو رت وهڻ جو سلسلو ??ڃا تائين ناهي رڪيو. صدر چيو ته مسلسل اسرائيلي تشدد جو تازو واقعو هن سال آگسٽ ۾ ڏٺو ويو، جڏهن غزه ۾ اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 17 ٻارن سميت اٽڪل 50 ف??سط??ني مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ف??سط??نين جي خلاف نه رڪجڻ وارو اسرائيلي تشدد، اسرائيل جو ف??سط??ن تي ناجائز قبضو ان تڪرار جي ناقابل ترديد حقيقتون آهن. اسرائيل پاران والاريل ف??سط??ني علائقن کي ضم ڪرڻ ۽ انساني قبضي ۽ عالمي قانونن جي منافي آهي. صدر چيو ته آئون ف??سط??نين جي لاءِ پاڪستانين جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريان ٿو، طاقت جي زور تي علائقي تي قبضو ٿي سگهي ٿو پر عوام جي دلين ۽ دماغ تي قبضو نه ٿو ڪري سگهجي. ف??سط??نين جي آزادي جي جدوجهد خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندي. هن چيو ته پاڪستان ف??سط??نين جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ عالمي سطح تي تسليم ٿيل شرطن ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي عالمي نگراني ۾ ڌرين جي وچ ۾ هڪ مقرر ٽائيم فريم ۾ تڪرار جو حل چاهي ٿو ۽ اهو ته اهو اوڀر بيت المقدس جي ف??سط??ني رياست جي گادي واري شهر جي طور تي مڪمل حمايت ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪستان تاريخي طور تي ف??سط??نين جي جائز جدوجهد جي حمايت ڪئي آهي ۽ هو اڳتي به ان جي حمايت ڪندو رهندو.