اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو ته سرديءَ جي م??سم ۾ ٻوڏ متاثر بي گهر ماڻهن ??ي ڇت فراهم ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، سرندي وارا ماڻهو وڌي چڙهي ان ڪم ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هلندڙ سرديءَ ۾ بي گهر ماڻهن ??ي ڇت فراهم ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم مينزيز ايوي ايشن گروپ ۽ الفسپارز گروپ پاران ٽانڪ ۾ متاثرين جي لاءِ سئو گهرن جي عطيي تي انهن جا ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن ??ي هلندڙ سرديءَ جي م??سم ۾ ڇت جي فراهمي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم ک??ي رهي آهي. وزيراعظم ملڪ جي سرندي وارن ماڻهن ??ي اپيل ڪئي ته اهي ان ڪم ۾ وڌي چڙهي حڪومت جي مدد ڪن، اسان کي هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي ڀينرن ڀائرن، ٻارن ۽ بزرگن کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي.