اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ پا??ل ملڪ ۾ فساد، انتشار ۽ افراتفري چاهي ٿو ته جيئن ملڪ ۾ معاشي استحڪام نه اچي سگهي، عمران ص??حب ”ايمپائر“ ته نيوٽرل هوندو آهي جنهن کي توهان جانور چئو ٿا، حالتون ملڪ جو نه عمران خ??ن جون تمام خراب آهن ڇو ته سندس گهوڙيُون ٽٽ?? چڪيون آهن، توهان کي حيرت ان لاءِ آهي ڇو ته ادارا توهان جي گهٽيا سياست جو حصو نه بڻجي رهيا آهن. عمران خ??ن جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته نالائق نااهل توشه خانه چور عادت کان مجبور ادارن کي پنهنجي گهٽيا سياست ۾ گهلي رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن ۽ عدليه جي ذميواري بڻجي ٿي ته فارن ايجنٽ ۽ توشه خانه جي چ??ر کان حساب وٺي. هن چيو ته فوج ۽ عدليه کي عادت کان مجبور آواز نه ڏي. واپاري ۽ ڪاروباري برادري ۽ آبادگار ڄاڻين ٿا ته ملڪ توهان جي معاشي تباهي جي ڀنور ۾ ڦاٿل آهي. عمران خ??ن هڪ پاڳل شخص آهي جيڪو پوري پاڪستان کي به پاڳل سمجهي ٿو. هن چيو ته عمران خ??ن ملڪ کي جنهن ڏيوالپڻي طرف وٺي وڃي رهيو هو، اسان ملڪ کي اتان واپس آڻي رهيا آهيون. عمران خ??ن جي ذميواري رڳو ملڪ کي ڦريل پئسو، رشوت ۾ ورتل زمين، چوري ٿيل هيرا، توشه خانه جي ڦرلٽ ۽ فارن فنڊنگ جو جواب ڏي. عمران خ??ن جي ذميواري آهي ته چار سالن جي معاشي تباهي، بيروزگاري، مهانگائي ۽ چوري جو جواب ڏي. هن چيو ته عمران خ??ن روئي رڙيون ڪري يا پٽي هاڻي ادارا توهان جي سازشي منصوبابندي جو حصو نه بڻجندا.