اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان قومي سلامتي بابت اسرائيلي وزير جي مسجد اقصيٰ جي اڱڻ جي دوري جي اشتعال انگيز قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مسجد اقصيٰ هڪ مقدس جڳهه آهي جنهن جو سڄي دنيا جا مس??مان احترام ڪن ٿا، ان جي تقدس جي خلاف ورزي مس??مانن جي مذهبي حساسيت کي مجروح ڪري ٿي ۽ والاريل ??لس??يني علائقن ۾ اڳ کان ڇڪتاڻ واري صورتحال کي هوا ڏي ٿي. هن چيو ته اسرائيل کي گهرجي ته هو پنهنجا غيرقانوني قدم بند ڪري ۽ والاريل ??لس??يني علائقن ۾ مس??مانن جي مذهبي جاين جي تقدس جو احترام ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ??لس??يني عوام جي جائز جدوجهد جي ڀرپور حمايت کي ورجائي ٿو، پاڪستان گڏ??ل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل ??لس??يني رياست جنهن القدس الشريف گادي وارو شهر هجي، جي پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪري ٿو.