اسلام آباد -04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 5 ۽ 6 مارچ تي قطر ۾ منعقد ٿيندڙ گهٽ ت??قي يافته ملڪن جي حوالي سان گڏيل قومن جي پنجين ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم کي قطر جي دوري جي دعوت، قطر جي امير طرفان ڏني وئي هئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي مط??بق ڪانفرنس 5 کان 9 مارچ 2023ع تائين ٿيندي جنهن ۾ گهٽ ت??قي يافته ملڪن ۾ پائيدار ت??قي کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جو جائزو ورتو ويندو. عالمي اڳواڻ امدادي ڪارروائين کي متحرڪ ڪندا ته جيئن انهن ملڪن کي خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي. پنهنجي دوري دوران ڪانفرنس ۾ شرڪت کان سواءِ وزيراعظم دوحه ۾ مختلف عالمي اڳواڻن، وفدن جي سربراه سان ملاقاتون ڪندو. ڪانفرنس ۾ عالمي اڳواڻ گهٽ ت??قي يافته ملڪن جي معاونت جي حوالي سان عالمي سهڪار کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جو جائزو وٺندا جن تي ترقياتي شراڪتدارن طرفان اتفاق ڪيو ويو آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي عالمي سطح تي پائيدار ت??قي کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جي حوالي سان اه?? ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سال 2022ع دوران جي-77 ۽ چين جي اجلاس جي صدارت ڪندي پاڪستان ايل ڊي سيز جي امداد جي حوالي سان اثرائتن قدمن کي يقيني بڻايو. ا??و ئي سبب آهي ته قطر ۾ ڪانفرنس منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ منظور ڪيل قراردادن تحت ٿي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مط??بق وزيراعظم شهباز شريف جي ڪانفرنس ۾ شرڪت سان گهٽ ت??قي يافته ملڪن جي پاڪستان طرفان سپورٽ ۾ مدد ملندي جنهن سان ايل ڊي سيز جي معاشي ۽ سماجي ت??قي ۽ خوشحالي ۾ اضافو ٿيندو. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي 20230ع جي سائوٿ ڪو آپريشن فريم ورڪ ۽ پائيدار ت??قي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ واري ايجنڊا تحت اثرائتي عالمي شراڪتداري جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.